اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ وٽ پابندي مڙهيل تنظيمن جا ماڻهو هئا:عطا تارڙ

اسلام آباد : وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته عمران خان فرد جرم کان بچڻ لاءِ عدالت ۾ پيشي ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان جڊيشل ڪامپليڪس ۾ پوليس تي پٿراءُ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، زمان پارڪ مان ملندڙ هٿيارن مان ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ دهشتگرد پارٽي بڻجي چڪي آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته لاهور جي زمان پارڪ کي نوگو ايريا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته عمران خان خلاف اڄ توشاخانه ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻو هو، هي عادي ڏوهاري آهي، پهرين هن عدالت جي وارنٽ وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوليس گرفتاري لاءِ زمان پارڪ وئي ته هٿيارن سان ليس ڪارڪنن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا، لاهور ۾ بدامني پکيڙي وئي، ماڻهن جي جان ۽ مال کي نقصان پهچايو ويو. عطا تارڙ چيو ته هي سڀ ڪجهه صرف فرد جرم کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته توشاخانه جو ان جو ڪو به حساب نه آهي، هن وٽ رسيدون به ناهن، پر کيس حساب ۽ رسيدون ڏيڻيون پونديون. هن چيو ته ان ڪيس جي شنوائي کي بار بار دير جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي ڪا نيت نه آهي، هي ڪنهن به طريقي سان عدالت ۾ پيشي کان بچڻ چاهي ٿو. هن چيو ته توشاخانه ڪيس پئسن جي جاچ پڙتال جو ڪيس آهي، حڪومت پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ان جي عدالت ۾ پيشي ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي، هن چيو ته عمران خان بدعنوان شخص آهي، فرد جرم سان سندس ٽنگون ڏڪي رهيون آهن، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ هن 6 سال دير ڪئي، هن چيو ته اسلام آباد ۾ بدامني پکيڙڻ نه ڏينداسين، هو جڊيشل ڪامپليڪس ۾ پوليس تي پٿراءُ بند ڪري، هن چيو ته عمران خان بزدل ماڻهو آهي، قانون کي منهن ڏيڻ کان گهٻرائي ٿو، اليڪشن ڪميشن ان کي نااهل قرار ڏئي چڪو آهي، اسلام آباد پوليس تي عمران خان سان آيل ماڻهن طرفان پٿراءُ ڪيو پيو وڃي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس اڇلائي پئي وڃي، هن چيو ته زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ وٽ پابندي مڙهيل تنظيمن جا ماڻهو هئا جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف دهشتگرد پارٽي بڻجي چڪي آهي، جڏهن پوليس تي پٿراءُ ۽ شيلنگ ڪئي وڃي ته هو پنهنجو دفاع ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button