پاڪستانسنڌ

ڪلوئي لڳ پاڻي ڀريندي ٽانڪي ٽٽڻ سبب عورت ٻارن ٻارن سميت دٻجي فوت

ڪلوئي: ڪلوئي ڀرسان پاڻي ڀريندي ٽانڪي ٽٽڻ سبب پيرسن عورت ٻن معصوم ٻارن سميت دٻجي فوت ٿي وئي. خبر موجب ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ موڏور ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ٺهيل ٽانڪي تان 60 ورهين جي نهران زال بادل نھڙي، ڇهن ورهين جو عدنان ولد جمعون ۽ حفيظ ولد حميد پاڻي پئي رهيا هئا ته اوچتو ٽانڪي ڌماڪي سان ٽٽي پئي، جنهن سبب عورت ۽ ٻارڙا ملبي ۾ دبڄي فوت ٿي ويا، اطلاع تي ڳوٺ وارن پهچي ٽنهي کي ٻاهر ڪڍيو، پر هو فوت ٿي چڪا هئا، ٽنهي جا لاش روهراڙي آندا ويا، فوتي عورت ٻارن سميت حج تان واپس آيل ماڻهن کي مبارڪ ڏيڻ لا ڳوٺ موڏور آيل هئي، ٻئي پاسي ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ سبب علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button