پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ ٽرالر جي سائيڊ لڳڻ سبب ٽريڪٽر ڪلٽي، مزدور فوت

سنجهورو: سنجهوري ٿاڻي جي حد سانگهڙ-نوابشاھه روڊ تي شھنشاهھ ڪاٽن فئڪٽري وٽ 22 ويلر ٽرالر جي سائيڊ لڳڻ سبب ڪٽي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي وئي، جنهن سبب ٽريڪٽر ٽرالي تي ويٺل مزدور 28 ورهين جو نوجوان ڏيارام ولد لالو ڀيل ٽرالي هيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويو. حادثي ۾ فوت ٿيل ڏيارام ڀيل پيرو مل ويجهو ڳوٺ دين محمد سنگراسي جو رهواسي هو، اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻايو ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button