پاڪستانسنڌ

درگاهه ڇتن شاهه بخاري رح جو ميلو شروع، صغير قريشي ۽ پاشا قاضي پاران افتتاح

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ سيد ڇتن شاهه بخاري رح جو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو، جنهن ۾ سوين زائرين ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي. حيدرآباد شهر جي علائقي ون فائيو پوليس سينٽر وٽ حضرت سيد ڇتن شاهه بخاري رح جو عرس 3 ڏينهن وارو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو، جنهن جو افتتاح صوبائي صلاحڪار صغير قريشي ۽ درگاهه جي سرپرست اعلى پ پ جي سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي درگاهه تي چادر چاڙهي ڪيو، جنهن دوران سوين عقيدتمندن ۽ زائرين شرڪت ڪئي ۽ دعا گهري. ان کان اڳ قاضي هائوس تان ميندي جي رسم ادا ڪرڻ لا ميندي نڪتي. ميلي ۾ پ پ اڳواڻ برڪت ٻٻر ۽ يوسي چيئرمين سليم عباسي سميت وڏي انگ ۾ جيالن شرڪت ڪئي. قلندر لال شهباز جي ميندي جو وقت ختم ٿيڻ بعد درگاهه تي محفل نعت جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مشهور نعت خوان آغا گوهر علي سميت ٻين نعت خوانن نعتون پڙهيون ۽ ويٺلن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. ميلي دوران درگاهه کي زبردست سينگاريو ويو. ان موقعي تي سرپرست اعلى پاشا قاضي چيو ته درگاهن تان ماڻهن کي روحاني سڪون ملي ٿو، ميلا سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button