پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ 3 ٻارن جي ما جو لاش مليو، حادثي ۾ فوت ٿي:وارث

سنجھورو: سنجھورو شهر جي وارڊ نمبر 2 ۾ مبارڪ علي عرف سليمان شيخ جي گهر مان 3 ٻارن جي ماءُ عابده شيخ جو لاش هٿ آيو. شھر جي وارڊ نمبر 2 ۾ مبارڪ علي شيخ جي گھر مان 3 ٻارن جي ماءُ عابده شيخ جو لاش مليو. اطلاع تي سنجھورو پوليس ايس ايڇ او محمد علي زرداري جي اڳواڻي ۾ واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي ايس ايڇ او سنجھورو محمد علي زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عورت جي ڄاڙي تي ڌڪ جا نشان آهن. سندس وارثن چون ٿا ته موٽرسائيڪل تان عورت ڪرڻ سبب فوت ٿي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سڀ خبر پئجي ويندي، اسان جاچ ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته عورت موٽرسائيڪل جي ٽڪر سبب فوت ٿي آهي، کيس پيٽ ۾ پڻ زخم آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button