پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ متاثر ڪٽنب جو ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج، تحفظ جي گهر

ميرپورخاص: عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ سانوڻ رند واسي عالم ڪولھي 8 گھرڀاتين سميت ميرپورخاص ۾ مولانا محمد ھارون معاويه جي مدرسي جامعت الحسنين ۾ دين اسلام کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ گھرڀاتين سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عالم ڪولھي ٻڌايو اسلام قبول ڪرڻ بعد اسلامي نالو عبدالله رکيو ويو آهي، مون ٻن زالن ۽ ٻارن سميت اسلام قبول ڪيو آھي، اسان سان گڏ سھجي پڻ اسلام قبول ڪيو آھي، جنھن جو اسلامي نالو فاطمه آھي، جنھن سان مون نڪاح ڪيو آھي، اسلام قبول ڪرڻ بعد ڪجهھ بااثر ھندو برادري جا ماڻهو ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. عبدالله وڌيڪ چيو ته بنا ڪنهن لالچ ۽ دٻا جي پڪٽنب سميت اسلام قبول ڪيو آھي. ھن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button