پاڪستانسنڌ

سنڌي ادبي بورڊ طرفان هٽايل ڍڳي واري لوگي جي بحالي لا مظاهرا

حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ پاران ڍڳي وارو لوگو هٽائڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي اديبن ۽ شاعرن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو سڀيتا جي عظيم ورثي ۽ تاريخي ڍڳي واري لوگو کي بحال ڪيو وڃي. سنڌي ادبي بورڊ پاران هٽايل ڍڳي واري لوگو جي بحالي لا لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي شاعرن ۽ اديبن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو، نئون ديرو شاخ، ڏوڪري شاخ ۽ باڊهه شاخ جي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. مدئجي ۾ مدئجي شاخ پاران سيد مهدي شاهه، آغا عاطف، آصف گهمرو، محمد ياسين گهمرو، صوفي عبدالحفيظ سومرو، عاشق شيخ، اعتبار منظر مشواڻي، نثارگهمرو، طالب خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي. نوابشاهه ۾ ساس جي ضلعي رابطا سيڪريٽري شاھنواز خاصخيلي، منور سراج، بخشل باغي، ستار سندر، امداد رند، مختيار جمالي فياض چنڊ ڪليري، مزمل چانڊيو، مير حسن لاشاري، محبوب قادري، رحيم لاشاري، ساگر بلاول، منظور گل ڀنگوار علي سراج، عنايت چانڊيو، سهراب تنيو ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. اوڏيرو لال ۾ سيڪريٽري احساس ميرل جي اڳواڻي ۾ شاعرن ۽ اديبن حاجي غلام حيدر خاصخيلي، شاد شڪور، عاجز ڇٽو، اعجاز ٻرڙو، خالد ميرالي، عبدالغفور، ذوالفقار خاصخيلي، عبدالجبار ڇٽو، جاويد علي بڙدي، صدام حسين بلوچ، مٺو ميگهواڙ، يوسف خاصخيلي ۽ محمد صفر جت سميت شهرين مظاهرو ڪيو. دادو ۾ سمورين شاخن جي عهديدارن، شاعرن ۽ اديبن پريس ڪلب آڏو وسيم آڪاش سيتائي، حاڪم بٺڙ، مجاھد مشوري، نياز الاھي ابڙو، پروفيسر آدم ٻٽ، رجب آزاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. راڻيپور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻيپور جي سيڪريٽري پروفيسر بشير جانوري، گڏيجي جي سيڪريٽري قربان گل چنا، ڪائونسلر عبدالرحيم سولنگي، رضا راڄپر، قربان ميمڻ، عرفان حيدر، جواد حسين ۽ ٻين احتجاج ڪيو. راضيديرو ۾ اڳڙا سنگت ضلعي خيرپور جي رابطا سيڪريٽري اسلم ٻڌ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڄامشورو ۾ اديبن ۽ شاعرن اوور ھيڊ برج کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي دلدار جانوري، منظور احمد ابڙو، بابو سومرو، سجاد آلکاڻي، سرور خاصخيلي، ديدار شام، منگل پريتم، فھيم نوناري، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، پروفيسر صديق جويو، ڊاڪٽر سرمد سهارڻ، حاڪم چانڊيو، شاعر تراب علي تراب، ڪامريڊ سومر جمالي، زاھد اوٺو، دائود لغاري، ربنواز ابڙو، قومي فنڪار دانش منظور ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. مٺي ۾ ڪمشير چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ضلعي رابطا سيڪريٽري شهاب نهڙيو، قلمڪار دليپ ڪوٺاري، شاعرن فنڪارن ستار وسنداڻي، عبدالله آس هنڱورجي، فقير اڪبر ڏيپلائي، اصغر مهجور، محمد خان مجازي سومري، شيواڌاري اميداڻي، واحد هنڱورجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. عمرڪوٽ ۾ لال سنگھه سوڍو جي اڳواڻي ۾ خطائي ٿيٻو، گل منير ولھاري، ناز فقير محمد شاھاڻي، خالدہ منير ولھاري ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. اديبن، شاعردن ۽ دانشورن سنڌي ادبي بورڊ کان گهر ڪئي ته بورڊ جي پراڻي تاريخي ڏهاڪن کان ڇپجندڙ تاريخي سڀيتائي ڍڳي جي اُهڃاڻ واري لوگي کي سنڌي ادبي بورڊ جي سموري ڪاروهنوار ۽ اشاعتن تي پپرو ڪرڻ لاءِ تُرت بحال ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button