اسلام آبادپاڪستانپنجاب

عمران جا وارنٽ معطل،فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد : توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ٿي ويا. جڏهن ته مٿس فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو ۽ ڪيس جي شنوائي 30 مارچ تائين ملتوي ڪندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو. پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ توشا خانا ڪيس جي شنوائي ايڊيشنل سيش جج ظفر اقبال جي عدالت ۾ ٿي. عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ بنا ئي اسلام آباد کان واپس لاهور لاءِ روانو ٿي ويو. عمران خان جي جڊيشل ڪامپلڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وڏي انگ به عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن عدالتي احاطي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ لٺبازي ڪئي وئي. عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪندي چيو ته ٻڌايو اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪجي، عمران خان کي گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري لڳائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جي گاڏي ۾ حاضري لڳائڻ جي اپيل منظور ڪندي چيو ته عمران خان کان گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري جون صحيحون ورتيون وڃن. ڪارڪنن طرفان جڊيشل ڪامپليڪس کان ٻاهر نه وڃڻ تي عمران خان گاڏي ۾ ئي عدالتي حاضري لڳائي واپس هليو ويو. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪن عدالت ٻاهران لڳايل بيريئر ٽوڙي ڇڏيا ۽ هڪ گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان اڄ حاضري نه لڳائي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي حاضري جو قانوني عمل مڪمل ڪيو ويو. شنوائي دوران ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي، جڏهن عمران خان جو عدالتي حاضري تي صحيح وارو فائل ئي گم ٿي ويو. شنوائي دوران عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا ته عدالت جيڪو فيصلو ڏنو، ان تي عمران خان کان صحيحون ورتيون، ايس پي ثمين ملڪ فائل مون کان ورتو هو. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال پڇاڻو ڪيو ته درخواست ڪٿي آهي؟ جنهن تي ايس پي چيو ته درخواست شبلي فراز کي ڏني وئي هئي. وڪيل گوهر علي چيو ته مان فائل نه ڏيڻ چاهيو، جڏهن ته ايس پي چيو مون کي ڌڪ لڳو آهي، مون وٽ صحيح ٿيل درخواست ناهي. فاضل جج ريمارڪس ڏنا ته تمام اهم فيصلو آهي، قانوني رڪارڊ آهي ان کي ڳوليو، جنهن تي ايس پي چيو ته مان صحيح ٿيل فيصلو واپس آڻيندس. خواجا حارث عدالت کي چيو ته فرد جرم اڄ ته نٿو ٿي سگهي، جنهن تي جج ظفر اقبال چيو اميد آهي ته ايندڙ شنوائي ايف ايٽ ڪچهري ۾ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي تجويز ڏني ته ڇنڇر ڏينهن توشا خانا ڪيس جي شنوائي رکي ڇڏيو. ايڊيشنل سيشن جج عمران خان تي فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪندي تحريڪ انصاف چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ رد ڪيا ۽ ڪيس جي شنوائي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جج ظفر اقبال چيو ته 30 مارچ تي ڪيس شنوائي جوڳو هجڻ تي دليل ٿيندا، عمران خان جي حاضري به ٿيندي، اها الڳ ڳالهه آهي ته ان ڏينهن صورتحال ڪهڙي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button