پاڪستانرانديون

ملتان کي پي ايس ايل فائنل ۾ 1 رنس تان شڪست، لاهور لڳاتار ٻيو ڀيرو چئمپين بڻجي ويو

لاهور قلندرز پاڪستان سپر ليگ جي اٺين سيزن جي فائنل ۾ ملتان سلطانز کي انتهائي سخت مقابلي بعد هڪ رنس تان شڪست ڏئي لڳاتار ٻيو ڀيرو چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ هزارين تماشائين جي موجودگي ۾ ميزبان ٽيم 200 رنسون ٺاهڻ بعد محمد رضوان جي ٽيم ملتان سلطانز کي 8 وڪيٽن تي 199 رنسن تائين قابو ڪيو، آخري بال تي کٽڻ لا ملتان کي چوڪي جي ضرورت هئي پر خوشدل شاهه صرف 2 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. خوشدل شاهه 25، رلي روسو 52 ۽ ڪپتان محمد رضوان 34 رنسون ٺاهي منزل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر لاهور جا بالر ملتان جي ارادن اڳيان رڪاوٽ بڻجي ويا، شاهين آفريدي طوفاني بئٽنگ بعد 4 وڪيٽون وٺي فائنل جو هيرو رهيو. ان کان اڳ پاڪستان سپر ليگ سيزن-8 جي فائنل ۾ لاهور قلندرز پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون. عبدالله شفيق 65، ڪپتان شاهين آفريدي 44، فخر زمان 65 ۽ بيگ 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. واضح رهي ته لاهور قلندرز گذريل سال به پي ايس ايل کٽيو هو ۽ هن ڀيري لڳاتار ٻي ٽرافي کٽڻ جو منفرد رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button