پاڪستانپنجاب

زمان پارڪ ۾ ڪريڪ ڊائون، پوليس مک گيٽ ڊاهي ڇڏيو،مزاحمت تي 60 ڪارڪن گرفتار

لاهور ۾ عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ تي پوليس جي وڏي نفري ڪريڪ ڊائون ڪري ڏنو، گهر جو گيٽ ٽوڙي اهلڪار اندر داخل ٿي ويا ۽ لٺبازي بعد تحريڪ انصاف جي 60 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس نو گو ايريا ختم ڪرڻ بعد هٿيار، پيٽرول بم، غليلون ۽ ٻيون شيون هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ڪالهه اسلام آباد عدالت ۾ پيشي لا لاهور کان جيئن ئي روانو ٿيو ته پٺيان پوليس سندس رهائشگاهه زمان پارڪ ڏانهن ويندڙ سمورا رستا رڪاوٽون بيهاري بند ڪري ڇڏيا ۽ زمان پارڪ کي چئني پاسن کان گهيري ورتو. پوليس اهلڪارن آپريشن دوران پي ٽي آ ڪارڪنن کي وڏي انگ ۾ گرفتار ڪيو ۽ کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو، 60 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن ۾ بند ڪيو ويو آهي. زمان پارڪ جو مک دروازو نه کوڻ تي ڪرين جي مدد سان گيٽ کي ٽوڙيو ويو، جڏهن ته گهر ٻاهران لڳل سموريون ڪئمپون ۽ خيما اکوڙيا ويا، لوهي رڪاوٽون، فليڪسز، ڪنيٽنر، ريتي بجري ۽ ٻورين سان ٺهيل مورچا ۽ بنڪر به هٽايا ويا. اينٽي انڪروچمينٽ عملو خيمن اندر پيل ڪرسيون ۽ ٻيو سامان ٽرڪ ۾ کڻي هليو ويو، جڏهن ته سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪار پي ٽي آ ڪارڪنن جون ٺاهيل ڪئمپون اکوڙڻ ۾ مصروف نظر آيا، زمان پارڪ جي اندر توڙي ٻاهر موجود ڪارڪنن هن ڀيري به پوليس سان مزاحمت ڪئي ۽ پٿر اڇلايا، جن کي پڪڙي قيدين واري وين ۾ منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب زمان پارڪ ۾ پيٽرول سان ڀريل بوتلون (پيٽرول بم)، 16 رائيفلون، غليلون ۽ بلور هٿ آيا آهن، جڏهن ته آپريشن کانپو به زمان پارڪ ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف آ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور سڌ سما واري نگران وزير عامر مير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته زمان پارڪ آپريشن قانوني ڪارروائي هئي جيڪا پوري ڪئي وئي، اسان گهر جو سرچ وارنٽ ۽ ليڊي پوليس آفيسر ساڻ وٺي ويا هئاسين، عدالت جاچ وارو عمل روڪڻ جو حڪم نه ڏنو هو، جنهن تي شڪر گذار آهيون. هن چيو ته اسان جديد نظام ذريعي شرپسندن جي لسٽ تيار ڪئي هئي، عدالتي حڪم بعد سرچ آپريشن لا وياسين، ان کان اڳ سرچ وارنٽ حاصل ڪيا ويا ۽ اسان جي پي ٽي آ قيادت سان ڳالهه ٻولهه به ٿي هئي، آپريشن دوران پوليس تي پيٽرول بم اڇلايا ويا، اسان هڪ به گولي نه هلائي، هاڻي ڏسنداسين ته زمان پارڪ مان هٿ آيل هٿيار لائسنس وارا آهن يا نه، جنهن ڪارڪن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه هوندو، تنهن کي ڪجهه نه چيو ويندو. آ جي چيو ته گرفتار ڪيل ماڻهن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، آئون يقين ڏياريان ٿو ته گرفتار ماڻهن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي نه ڪئي ويندي، اسان ڪنهن به بيگناهه کي گرفتار ناهي ڪيو، پڪڙيل هڪ هڪ شخص خلاف اسان وٽ وڊيو ثبوت ۽ تصويرون موجود آهن، آپريشن دوران هڪ ٻه عورت اهلڪار ۽ اسان جا جوان به زخمي ٿيا آهن، هاڻي زمان پارڪ ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button