مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز اسلام آباد جي عدالت ۾ عمران خان جي حاضري قبولڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي طنز ڪندي چيو آهي ته “مون وٽ حاضر ٿي منهنجي حاضري لڳرائي وڃي”. هڪ ٻئي ٽوئيٽر پيغام ۾ مريم نواز چيو ته جيڪڏهن “ضمانت پارڪ” ۾ رڳو هڪ عورت موجود هئي ته پو پوليس تي اندران گوليون ۽ پيٽرول بم ڪير هلائي رهيو آهي؟ اهي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کان اڳ سوچين به نٿا، عمران خان جي رهائشگاهه مان پوليس اهلڪارن ڏانهن پيٽرول بم اڇلايو پيو وڃي، مون اڳيئي چيو هو نه ته هيءَ هڪ دهشتگرد پارٽي آهي، جنهن جو سربراهه قانون ۽ سزا کان بچڻ لاءِ سکيا ورتل دهشتگرد گهر ۾ ويهاري ويٺو آهي، پي ٽي آءِ کي سياسي جماعت ۽ عمران خان کي سياسي ليڊر سڏڻ سياسي ڪارڪنن جي تذليل هوندي. مريم چيو ته اهڙا شرمناڪ منظر اڄ کان پهرين رڳو دهشتگردي جي حوالي سان ڏسڻ لاءِ مليا، هاڻي خبر پئي ته جڏهن کان ان دهشتگرد کي زبردستي سياست ۾ آندو ويو، تڏهن کان ملڪ فتني ۽ ڏڦيڙ جو شڪار ڇو آهي؟ آڻيندڙ به پنهنجي بدترين انجام تي پهتا، عمران جي سياست به پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين سدائين هٿين خالي جدوجهد ڪئي، قربانيون ڏنيون، پي ٽي آءِ کي سياسي جماعت چوڻ يا عمران خان کي سياسي ليڊر چوڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سياسي ڪارڪنن جي ڪيل جدوجهد جي تذليل هوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close