اسلام آبادپاڪستان

عمران سميت 17 ڄڻن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل

اسلام آباد:اسلام آباد ۾ عمران خان جي توشا خانا ڪيس ۾ پيشي دوران ٿيل ڀڃ ڊاهه جو ڪيس ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ڪيس دهشتگردي سميت ڏهه ڏوهن جي مختلف شقن تحت داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي گرفتار پنجاهه جي لڳ ڀڳ ورڪرن ۽ گهربل اڳواڻن تي داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر موجب پوليس چيڪ پوسٽ کي نقصان پهچايو ويو، جوڊيشل ڪمپليڪس جو مک دروازو ۽ شيشا ٽوڙيا ويا، ڀڃ ڊاهه، پٿراءُ، حملو ۽ جوڊيشل ڪمپليڪس جي عمارت جون شيون ٽوڙڻ واري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس جون ٻه گاڏيون ۽ ست موٽرسائيڪلون ساڙيون ويون، ايس ايڇ او گولڙا جي سرڪاري گاڏي کي به نقصان پهچايو ويو. ٻئي طرف جڊيشل اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مظاهرين طرفان پوليس تي حملي جي معاملي تي پوليس وڌيڪ ست جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شاليمار ٿاڻي شرپسندي ۾ ملوث ست وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن ۾ راجا نديم جهانگير ڪيان، شرافت سلطان ڪياني به شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن ۾ محمد رضوان، سهيل احمد، حسنين اختر، مظهر مسعود، محمد زرين به شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button