پاڪستانسنڌ

سيد ڇتن شاهه بخاري جو ميلو پڄاڻي تي پهتو، اجتماعي دعا

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ سيد ڇتن شاهه بخاري رح جو عرس مبارڪ پڄاڻي تي پهتو، سوين عقيدتمندن آخري ڏهاڙي تي درگاهه تي حاضري ڀري دعائون گهريون. حيدرآباد شهر جي علائقي ون فائيو پوليس سينٽر وٽ حضرت سيد ڇتن شاهه بخاري رح جو عرس 3 ڏينهن وارو عرس مبارڪ پڄاڻي تي پهتو. آخري ڏينهن تي محفل نعت جو پروگرام به ٿيو، جنهن ۾ مشهور نعت خوانن نعتون پڙهيون. سرپرست اعلى پاشا قاضي جي اڳواڻي ۾ سوين زائرين درگاهه تي حاضري ڀري ۽ دعا گهري. ٻئي پاسي ميلي جي آخري ڏينهن تي درگاهه تي زائرين جي آمد جو سلسلو تيز ٿي ويو. آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، سنڌ جي خوشحالي سميت ٻين مسئلن جي حل لا اجتماعي دعا گهري وئي. جڏهن ته پ پ اڳواڻ پاشا قاضي طرفان ٽئي ڏينهن ميلي دوران لنگر جو انتظام ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button