اسلام آبادپاڪستان

حڪومت جو گهٽ آمدني وارن کي رليف، پيٽرول في لٽر 50 رپيا سستو ڏيڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن لا پيٽرول جي مد ۾ رليف پئڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪندي موٽر سائيڪلن، رڪشائن ۽ 800 سي سي تائين گاڏين لاءِ في ليٽر پيٽرول تي 50 رپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته گهٽ آمدني وارن غريب عوام لاءِ پيٽروليم سبسڊي ۾ موٽر سائيڪل، رڪشا، 800 سي سي سميت ٻيون ننڍيون گاڏيون استعمال ڪندڙ سمورن واهپيدارن کي شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ گهٽ آمدني وارن پيٽروليم واهپيدارن لاءِ رليف پيڪيج تي جائزي لا لاهور ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گهٽ آمدني واري غريب عوام کي 50 رپيا في ليٽر تائين رليف ڏنو ويندو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پيٽروليم سبسڊي ۾ موٽر سائيڪل، رڪشا کانسواءِ 800 سي سي سميت ننڍيون گاڏيون استعمال ڪندڙ سمورن گهٽ آمدني وارن صارفين کي شامل ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته پيٽروليم سبسڊي جو عملي پروگرام جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي ۽ پيٽروليم سبسڊي تي موثر عملدرآمد لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل تعاون ڪري جامع حڪمت عملي جوڙين. هن چيو ته موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ ننڍيون گاڏيون گهٽ آمدني واري عوام جي سواري آهن، تنهن ڪري پيٽروليم سبسڊي سڌو سنئون غريب عوام جي رليف جو سبب بڻجندي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت شديد معاشي ڏکياين باوجود غريب عوام جي هر ممڪن مدد لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس کي پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ گهٽ آمدني وارن ماڻهن تائين پيٽروليم سبسڊي ڏيڻ بابت حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوا، ناڻي کاتي ۽ پيٽروليم کاتي جي سيڪريٽرين سميت ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button