بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ برساتن ٻوڏ آڻي ڇڏي، 10 ماڻهو وهڪرن ۾ لڙهي فوت

بلوچستان جي ٻن ضلعن آواران ۽ زوب ۾ برساتن ٻوڏ آڻي ڇڏي، جنهن سبب 10 ماڻهو وهڪرن ۾ لڙهي فوت ٿي ويا آهن. موسميات کاتي مطابق 24 ڪلاڪن دوران خضدار ۾ 10 ملي ميٽر، قلات ۾ 9، ڪوئيٽا ۾ 3 ملي ميٽر، دالبندين ۾ 5، بارکان ۾ 4 ملي ميٽر، پنجگور ۽ پشين ۾ 3- 3 ملي ميٽر ۽ زوب ۾ 2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، زوب ۽ آواران ۾ گجگوڙ سان وسڪارو پوڻ ڪري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ جاني نقصان پڻ ٿيو آهي. موسميات کاتي طرفان ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ برساتون جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button