پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف ڪارڪنن زمان پارڪ ويجهو پوليس وين واهه ۾ اڇلائي ڇڏي، رائيفلون ڦر

لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي مڇريل ڪارڪنن زمان پارڪ واري روڊ تان گذرندڙ پوليس وين تي حملو ڪري گاڏي کي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، وين تي ڏنڊن جو وسڪارو ڪري شيشا ڀڳا ويا، جڏهن ته ڪارڪن پوليس جون 2 رائيفلون به کڻي ويا. مليل ڄاڻ موجب تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پي ايس ايل مئچ تان واپس ايندڙ پوليس وين تي حملو ڪري گاڏي تباهه ڪري ڇڏي، ڪارڪنن پوليس وين تي ڏنڊا وسايا ۽ شيشا ڀڃي ڇڏيا، پوليس وين جون لائيٽون ۽ اسڪرين ٽوڙي وئي، پوليس وين ۾ موجود اهلڪارن ڀڄي پنهنجي جان بچائي. ميڊيا رپورٽ مطابق پي ٽي آئي ڪارڪن پوليس وين مان ٻه رائيفلون به ڪڍي ويا. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت پوليس وين تي حملي بعد تحريڪ انصاف جي ملوث ڪارڪنن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو ته شرپسندن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button