اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جو اربع تي جلسي جو اعلان، گيم سڀني جي هٿن مان نڪرڻ واري آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان 22 مارچ اربع تي لاهور ۾ مينار پاڪستان تي جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان جو جلسو ريفرنڊم هوندو ته عوام ڪٿي بيٺل آهي، سرچ جي نالي تي منهنجي گهر مان ڦرلٽ ڪئي وئي، پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جڊيشل ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ منهنجي پيشي وقت 2 پلان تيار ڪيا ويا هئا، يا ته مون کي قتل ڪيو وڃي يا وري اتان گرفتار ڪري بلوچستان منتقل ڪيو وڃي، حڪومت جو ارادو هو ته مون کي بلوچستان وٺي وڃن ته جيئن مان چونڊن لا پارٽي جون ٽڪيٽون جاري نه ڪري سگهان، ليول پليئنگ فيلڊ جو مطلب اهو ئي آهي ته عمران کي ڪنهن نموني رستي تان هٽايو وڃي، هي چونڊون نه ڪرائڻ لا بهانا گهڙي رهيا آهن، مون سيشن ڪورٽ ۾ پنهنجو ڪيس منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته الٽو منهنجا وارنٽ ڪڍيا ويا، مئجسٽريٽ جا وارنٽ ته راڻا ثنا الله جا به نڪتل آهن، پو کيس ڇو نٿا پڪڙين؟ 22 مارچ وارو جلسو سڄو پاڪستان ڏسندو، هي سمجهن ٿا ته ماڻهن کي ڊيڄاري انهن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندا، هي ٻڌي وٺن ته هاڻي ماڻهن کي ڪنهن جو به ڊپ ناهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته سڀني جي هٿن مان گيم نڪرڻ واري آهي، هوش کان ڪم نه ورتو ويو ته حالتون ايران جهڙيون ٿي وينديون ۽ ماڻهو سريلنڪا کي به وساري ڇڏيندا، شيون ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه رهنديون، ڪوڙ جي راڻي جي ليول پليئنگ فيلڊ جو مطلب آهي ته عمران کي رستي تان هٽايو وڃي، اهو ئي لنڊن پلان آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪومت اسٽيلبشمينٽ جي مدد باوجود 37 مان 30 ضمني چونڊون هارايون، مان پڇان ٿو ته اليڪشن جي اعلان بعد قلم 144 ڪيئن ٿو لڳي سگهي، هنن زمان پارڪ ۾ شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪئي، زمان پارڪ ۾ ماڻهو مرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، مون کي چيو ويو ته توکي نڪرڻو ناهي، اسلام آباد ويس ته ماڻهو پاڻ مون سان گڏ هليا مون ڪنهن کي به نه چيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button