پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف ۾ دهشتگرد ڀرتي ڪيا ويا آهن، رياست ڪاروائي ڪري:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز زمان پارڪ ٿيل پوليس آپريشن جون تصويرون ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي چيو آهي ته غور سان ڏسو، هي سياسي ماڻهو نه پر سکيا ورتل دهشتگرد آهن، جيڪي پابندي مڙهيل تنظيمن منجهان هتي ڀرتي ڪيا ويا، اهي ثبوت پاڻ ڳالهائين ٿا، رياست کي ان تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نه ته گهڻي دير ٿي ويندي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ مريم نواز پوليس ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن وچ ۾ ٿيل ٽڪرا جون تصويرون ۽ وڊيوز ڏيکاريندي چيو ته هي ثبوت غور سان ڏسو، سچ کي لڪائڻ مشڪل آهي، هي سياسي ڪارڪن نه پر تربيت ورتل دهشتگرد آهن جن جي عمران خان سدائين حمايت ڪندو رهيو آهي، زمان پارڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي وسارڻ مشڪل آهي. هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران هميشه پابندي مڙهيل پارٽين جو حامي رهيو آهي، وڊيوز کي ويجهو کان ڏسي حقيقتن کان منهن ڦيرڻ ڏکيو آهي، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي ويندي رياست کي ڪاروائي ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button