پاڪستانسنڌ

ڪنري لڳ ڪار پورهيتن مٿان چڙهي وئي، معصوم ٻارڙو ڏاڏي سميت فوت

ڪنري: ڪنري ويجھو ڪار روڊ پار ڪندڙن ماڻهن مٿان چڙهي وئي، معصوم ٻارڙو ڏاڏي سميت فوت ٿي ويو. خبر موجب ڪنري ويجهو چيل بند اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار رستو پار ڪندڙ پورھيتن مٿان چڙھي ڪلٽي ٿي وئي، جنهن سبب ٻن سالن جو ڪيلاش ۽ سندس ڏاڏي 55 سالن جي اومان ٿڏي تي فوت ويا. جڏھن ته ناجو، ڪويتا ڪولھي، راجيش ڪمار، اسحاق ساند، تنوير ۽ جمشيد سميت 7 ماڻهو مرڻينگ ٿي پيا، اطلاع تي ڪنري پوليس ۽ ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ پھچي ويا، پوليس فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال ڪنري آندو، جتان فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ڏکوئٔيندڙ واقعي تي علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button