پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت ايل بي او ڊي تي ڍورن جي بحالي لا ريگيوليٽر جو بنياد وجهي ڇڏيو

بدين/ڪلوئي: سنڌ جي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو 5 بلين رپين جي لاڳت سان ايل بي او ڊي تي ٺهندڙ قدرتي ڍورن جي بحالي لا ڪلوئي ۽ شادي لارج جي وچ ۾ اسپائنل جي سائفن ۽ ريگيوليٽر جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو. ان موقعي تي ايل بي او ڊي آر ڊي 210 تي رکيل تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪيو پيو وڃي. ايل بي او ڊي پنهنجي جاءِ تي وهندي رهندي، پر هاڪڙي پراڻ جا جيڪي قدرتي وهڪرا ايل بي او ڊي سبب بند ٿيا آهن، انهن وهڪرن کي چار جاين آر ڊي 275، آر ڊي 251، آر ڊي 239 ۽ آر ڊي 210 وٽان سائفن ڏيون پيا. هن چيو ته سمورا قدرتي وهڪرا شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندا، مقامي ماڻهن جي سهڪار سان هي پروجيڪٽ مڪمل ٿيندو، پروجيڪٽ مڪمل ٿيڻ تائين آئون علائقي ۾ ڪئمپ لڳائي ويهندس. هن چيو ته ضلعو بدين زرعي طور تي مالامال آهي، پر ڪڏهن ٻوڏ ته ڪڏهن سوڪڙو يا سمنڊ جي چاڙهھ هن ضلعي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. پاڻي جو سمنڊ ۾ نيڪال بدين کانسواءِ ٻي پاسي کان ناهي. ماضي ۾ ايل بي او ڊي جا جتي به بند ٽٽا آهن، انهن جاين تي ريگيوليٽر لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته پ پ جي اعلى قيادت بدين لاءِ فڪرمند آهي، بدين لاءِ پروجيڪٽ گهريو ويو آهي ته اهو پروجيڪٽ ضرور مليو آهي. هن چيو ته بدين جي ماڻهن کان ملندڙ محبتون هميشه ياد رهنديون. تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي تاج محمد ملاح چيو ته شڪور ڍنڍ ڏانهن ويندڙ ڍوري جي پاڻي کڻڻ جي سگهه وڌائي وڃي، پراڻي وهڪري جي سگهه 5 سئو ڪيوسڪ آهي، جنهن کي وڌائي 10 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. تقريب دوران بريفنگ ڏيندي چيف انجنيئر ظريف کهڙو چيو ته هن پروجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ سان ايل بي او ڊي سان لاڳاپيل سمورا مسئلا حل ٿي ويندا. تقريب ۾ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر، ايم پي اي حاجي محمد هاليپوٽو، ايم پي اي مير طارق ٽالپر، پ پ ضلعي صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو، اڳوڻي ناظم ڪمال خان چانگ، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ واحد هاليپوٽو، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيڊا پريتم داس، آبپاشي کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعلى جو خاص صلاحڪار ارباب لطف الله پڻ گڏ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button