اسلام آبادپاڪستان

عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن ۾ اڄ طلب

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي توهين عدالت ڪيس ۾ اربع ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف داخل توهين عدالت ڪيس جي شنوائي اڄ مقرر ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي شنوائي دوران عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي نوٽيس جاري ڪندي ٽنهي اڳواڻن کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي شنوائي به اڄ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب ڪيس جي شنوائي اڄ صبح 10 وڳي ٿيندي. جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي شنوائي ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button