پاڪستانپنجاب

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، اپريل بدران آڪٽوبر ۾ ٿينديون

اليڪشن ڪميشن حالتون ناسازگار ڄاڻائي پنجاب اسيمبلي جون 30 اپريل تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن، هاڻي صوبائي اليڪشن 8 آڪٽوبر تي ٿيندي، جنهن لا باضابطا شيڊيول جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لا امن امان جي صورتحال سازگار ناهي، حڪومت چونڊن جي سيڪيورٽي لا فوج جي گهربل نفري فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جي معاشي بحران سبب ناڻي واري وزارت به فنڊن جي فراهمي کان لاچاري ظاهر ڪئي آهي، سيڪيورٽي ادارن جي سفارشن تي فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ناڻي وزارت، گهرو ۽ پرڏيهي وزارتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي راين جي روشني ۾ بر وقت ۽ پرامن، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ ممڪن نه آهي. اليڪشن ڪميشن 8 مارچ تي جاري ڪيل چونڊ شيڊيول واپس وٺندي پنجاب ۾ اليڪشن لا هاڻي 8 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب اسيمبلي جي چونڊ لاءِ 30 اپريل جي تاريخ مقرر ڪيل هئي ۽ چونڊ شيڊيول به جاري ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button