اسلام آبادپاڪستان

رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سڄي ملڪ ۾ اڄ پهريون روزو

مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڄ 23 مارچ تي سڄي ملڪ ۾ پهريون روزو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اوقاف هال پشاور ۾ منعقد ٿيو، ان سان گڏوگڏ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا جي زونل هيڊڪوارٽرن ۾ پڻ اجلاس ٿيا، جتان شاهديون گڏ ڪيون ويون. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ملڪ جي اڪثر هنڌن تي موسم جهڙالي رهي ۽ ڪجهه هنڌن تي آسمان صاف به رهيو، اسان کي ملڪ جي مختلف هنڌن تان رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن، جتان جتان شاهديون موصول ٿيون انهن علائقن ۾ بهاولپور، رحيم يار خان، صوابي، قلعا سيف الله، مردان ۽ ٻيا علائقا شامل آهن، تنهن ڪري اتفاق را سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهريون روزو خميس 23 مارچ تي رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button