پاڪستانپنجاب

مون کي مرتضيٰ ڀٽو جيان قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي: عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي قتل جي سازش تيار ٿيڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته مون کي اڄ يا سڀاڻي مرتضيٰ ڀٽو جيان قتل ڪري سگهن ٿا، آ جي پنجاب ۽ اسلام آباد منهنجي قتل لا اسڪواڊ ٺاهيو آهي، انهن جو منصوبو آهي ته هي ماڊل ٽائون جيان ماڻهن کي قتل ڪندا، هي اسان جي ماڻهن ۾ اچي پوليس وارن کي به ماري ڇڏيندا. وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته حڪومت پوليس آپريشن ڪري مرتضيٰ ڀٽو جيان مون کي گهر ۾ قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، زمان پارڪ تي ائين حملو ڪيو ويو ڄڻ ڪو دهشتگرد لڪيل هجي، هر هنڌ ناڪا هنيا ويا، ڪارڪنن کي ريلي کان الڳ ڪيو ويو، اسان جي ڪارڪنن کي پڪڙيو پيو وڃي، جڊيشل ڪامپليڪس ۾ گرفتاري لاءِ ذهني طور تيار ٿي ويو هيس. هن چيو ته مون کي پاڻ پوليس وٽان ڄاڻ ملي ته جڊيشل ڪامپليڪس وٽ اڻڄاتل ماڻهو موجود هئا، جن کي سي ٽي ڊي وارن جي وردي پاتل هئي، انهن جو پلان مرتضيٰ ڀٽو جيان مون کي قتل ڪرڻ هو، آءِ جي ان ۾ ملوث هو، انهن جو هڪ ٻيو پلان به آهي جيڪو آءِ جي پنجاب، آءِ جي پختونخوا ۽ سندن هينڊلرز گڏجي ٺاهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهي زمان پارڪ ۾ ٻيهر آپريشن ڪن، آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد ٻه اسڪواڊ ٺاهيا آهن، جيڪي اسان جي ماڻهن ۾ شامل ٿي پوليس وارن تي به فائرنگ ڪندا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه پوليس وارا مارجي ويندا، ان حملي جي جواب ۾ پوليس طرفان فائرنگ ٿيندي ۽ ماڊل ٽائون سانحي جيان اسان جي ماڻهن جو رت وهايو ويندو، پوليس وارا پوءِ منهنجي گهر تائين پهچندا ۽ مون کي مرتضيٰ ڀٽو جيان قتل ڪيو ويندو. عمران خان چيو مون کي ته ڪيسن ۾ ضمانت ملي چڪي آهي پوءِ به پوليس ڪو وارنٽ کڻي اچي ٿي ته اچي، مان گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر پنهنجي ماڻهن کي مرڻ نه ڏيندس، مون کي پنهنجي ڪيسن جي نه ڪارڪنن جي ڳڻتي آهي، جيل وڃڻ لا تيار آهيان، ٽڪرا نه چاهيندس، عدليا اسان جي حقن جي حفاظت ڪري، آئون پنجاب پوليس کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي جيڪو وڻي سو ڪن پر اسان ٽڪرا نٿا چاهيون، هي ڀلي ڪيترو به ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن پر ڪارڪنن کي ڪو به ردعمل ناهي ڏيڻو، جيڪڏهن هي اچن ته ڪارڪنن کي ٽڪرا ناهي ڪرڻو، انهن کي مون تان پهچڻ ڏنو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڇنڇر تي مينار پاڪستان تي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪنداسين، جيڪو حڪومت خلاف عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button