اسلام آبادپاڪستان

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ،9 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق

پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان ۽ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد سميت ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ آيل زلزلي سبب مجموعي طور ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن سميت 9 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته سوين ماڻهو زخمي ٿيڻ ڪري اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن. اڱاري جي رات 6 ڏهائي 8 جي شدت سان آيل زلزلي سبب خيبر پختونخوا جو ضلعو سوات سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جتي ريسڪيو وارو ڪم هلندڙ آهي. پي ڊي ايم اي خيبر پختونخوا طرفان صوبي ۾ زلزلي سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق زلزلو اچڻ ڪري 20 گهرن کي جزوي طور نقصان پهتو آهي، جڏهن ته فوت ٿيل ماڻهن ۾ 2 ٻار ۽ 2 عورتون به شامل آهن. ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو (1122) مطابق لوئر دير ۾ شديد زلزلي سبب هڪ عورت حياتي وڃائي ويٺي ۽ 60 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊهي پيون. هوڏانهن مالاڪنڊ ڊويزن ۾ 5 ماڻهو فوت ۽ 263 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي. ذريعن موجب سيدو شريف جي اسپتال ۾ 193 زخمي آندا ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زلزلي جي ڊپ وچان بيهوش ٿي ويا، جن کي هوش ۾ آڻي گهر موڪليو ويو. مالاڪنڊ ڊويزن ۾ 20 گهرن کي نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button