پاڪستانپنجاب

عدالت توشا خانا جو 1990ع کان 2001ع تائين جو رڪارڊ سامهون آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ توشه خانه جو 1990ع کان 2001ع تائين جو رڪارڊ منظرعام تي آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت رڪارڊ منظر عام تي نه آڻڻ جو وفاقي حڪومت جو اعتراض رد ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته جنهن دوست ملڪ تحفا ڏنا، اهو به ٻڌايو وڃي، ڪا به شئي لڪائي نٿي سگهجي، سمورو رڪارڊ پبلڪ ڪيو وڃي. عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ شهري منير احمد جي درخواست تي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيل تائين توشا خانا جا تحفه وٺڻ وارين شخصيتن جا تفصيلن جي فراهمي جي گذارش ڪئي وئي. گذريل ڏينهن شنوائي تي توشا خانا جي سيڪشن آفيسر بن يامين خان رڪارڊ عدالت سامهون پيش ڪيو، توشه خانه جو رڪارڊ سيل بند لفافي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت کي ٻڌايو ويو ته توشه خانا جو سيل بند رڪارڊ فهرست جي صورت ۾ ۽ نامڪمل آهي. عدالت سال 20021ع کان پهرين جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مهلت ڏني هئي. درخواستگذار جي وڪيل اظهر صديق عدالت کي ٻڌايو ته ويب سائيٽ تي رکيل رڪارڊ نامڪمل ۽ غير تصديق ٿيل آهي. گذارش آهي ته عدالت توشه خانه جو تصديق ٿيل رڪارڊ طلب ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button