پاڪستانپنجاب

عمران خان جي قتل جي مبينا سازش، پنجاب حڪومت جاچ لا عدالتي ڪميشن جوڙي ڇڏي

پنجاب حڪومت عمران خان جي قتل جي سازش جي الزام تي جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊن جي تاريخ بابت فيصلو اليڪشن ڪميشن جو آهي، اليڪشن ڪميشن ٻين ادارن سان به مشاورت ڪئي ته سوچي سمجهي ئي فيصلو ڪيو هوندو. هن چيو ته عمران خان جي بيان تي پنجاب حڪومت جڊيشل ڪميشن ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا جاچ ڪندي، جيڪڏهن عمران خان جي الزام ۾ هڪ سيڪڙو به سچائي هوندي ته ملوث ماڻهن کي سخت سزا ملندي، جيڪڏهن الزام درست آهي ته ان تي ايڪشن ٿيڻ گهرجي، درست ناهي ته به ايڪشن ٿيڻ گهرجي. سندس موجب عمران خان پوليس وارن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي، وري سيڪيورٽي به گهري رهيو آهي، عمران خان جي پوليس کي گارگند ۽ ڌمڪيون غلط ڳالهه آهي، اليڪشن تاريخ جي معاملي ۾ رڳو پنجاب حڪومت جو عمل دخل ناهي، چونڊن جو تعين ڪرڻ ۾ کوڙ سارا ادارا هوندا آهن، عمران خان وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، هن الزام مڙهيو آهي ته ان جي جاچ ڪري ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، پوليس تي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. يوم پاڪستان تي علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وڏي وزير چيو ته مون کي اليڪشن ناهي وڙهڻي ۽ نه ئي سياست ڪرڻي آهي پر ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود جو ڪم ضرور ڪرڻو آهي، 5 ارب رپيا رڳو رمضان بازار لڳائڻ تي خرچ اچي رهيا هئا، گذريل سال خيمي جو ڀاڙو 2 ارب 40 ڪروڙ رپيا هو، هاڻي هي سڄو مالي فائدو عوام کي پهچائڻ چاهيون ٿا، پهريان لينڊ ڪروزر واري کي به امدادي اگهه تي اٽو ملي رهيو هو هاڻي رڳو ضرورتمندن کي مفت اٽو ڏينداسين، عوام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مفت اٽي لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهي ٿو، چپ کانسواءِ به سڃاڻپ ڪارڊ وارن کي رجسٽر تي نالو داخل ڪري اٽو ڏيڻ جي حڪمن تي عمل شروع ٿي ويو آهي، سڄي پنجاب ۾ ڪجهه ڏينهن اندر 50 لک اٽي جا ٿيلها ضرورتمندن ۾ ورهايا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button