پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان

پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته چونڊون 30 اپريل تي ئي ڪرايون وينديون، اسان آئين جي ڀڃڪڙي ٿيڻ نه ڏينداسين، تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي چئي ڇڏيو آهي ته اهي پنهنجي تياري ۽ چونڊ مهم جاري رکن، اسان کي عدليا تي ڀروسو آهي ته جنهن تاريخ جو اعلان ٿيو هو ان تي ئي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ايندو. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب ۾ 30 اپريل تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪرڻ بعد زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اعليٰ عدليه سان رابطو ڪرڻ ۽ ٻين آپشنز تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسد عمر، فواد چوڌري، فرخ حبيب، بئريسٽر علي ظفر، سينيٽر اعظم سواتي، ميان اسلم اقبال، مسرت جمشيد چيما، شفقت محمود، شاهه فرمان ۽ ٻيان اڳواڻ شريڪ ٿيا. تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اڄ جمعي جي ڏينهن سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، تحريڪ انصاف اڳواڻن اسد عمر، فواد چوڌري ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان کي عدليا تي اعتماد آهي ته اها آئين کي پٺي ڏيڻ نه ڏيندي، سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سميت 96 بار تنظيمن فيصلي کي رد ڪيو آهي، چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف وڪيلن جي تحريڪ هلندي ته تحريڪ انصاف انهن جي پٺيان بيٺل هوندي. اسد عمر چيو ته آئين ۽ جمهوري طرز عمل کانسواءِ پاڪستان جو تصور ئي اڻپورو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي آئين ۽ قانون جا بخيا اڍيڙي ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن خبر ناهي ته ڪهڙيِ آئين جي تشريح پڙهي نئين تاريخ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خان فيصلو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي آئيني طور تي چئلينج ڪيو ويندو، بئريسٽر علي ظفر اڄ جمعي تي پٽيشن داخل ڪندو. عمران خان پارٽي جي سينيٽرز کي هدايت ڪئي آهي ته سينيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪن، اجلاس ۾ پي ٽي آئي جي موقف کي ڀرپور انداز ۾ رکيو ويندو، عمران خان فيصلو ڪيو آهي ته اليڪشن مهم کي روڪيو نه وڃي پر ان کي جاري رکو، صدر عارف علوي اليڪشن جي جيڪا تاريخ ڏني آهي ان تاريخ تي ئي اليڪشن ٿيندي. هن چيو ته اسان جي بيگناهه ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، ٻارڙن تي تشدد ڪيو پيو وڃي، اصولي طور تي عمران خان جي سيڪيورٽي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، پنجاب جي نگران حڪومت اسان جي خدشن تي جاچ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو اصولي طور تي ٺيڪ ۽ سٺو عمل آهي جو کين پنهنجي ذميواري جو احساس ٿي رهيو آهي جيڪڏهن اهي جاچ ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان مدد ڪنداسين، جاچ ڪميٽي اهڙن ماڻهن تي ٻڌل هجي جن تي اسان کي يقين هجي. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ پاران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پارليامينٽ جي گذريل ڏينهن ٿيل گڏيل اجلاس جو هدف سُپريم ڪورٽ هئي، ڪالهه خبر پئي ته اسان پارليامينٽ جي ايجنڊا جو حصو ئي نه هئاسين، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سُپريم ڪورٽ تي حملي لاءِ سڏايو ويو هو. هن چيو ته اسان چونڊن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پنجاب ۾ چونڊون 30 اپريل تي ٿيڻيون آهن، اُن کان اڳتي وڃڻ جي گنجائش ناهي، سُپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري استدعا ڪئي ويندي ته 30 اپريل تي چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اسان اها اميد رکي ويٺا هئاسين ته پارليامينٽ ۾ اسان جي خلاف ڪو ٺهرا ايندو پر گڏيل اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ کي نشانو بڻايو ويو، پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ دفعو ئي سپريم ڪورٽ تي حملو ٿيو جيڪو انهن ماڻهن ئي ڪيو هو. فواد چوڌري عدليا کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئين بچائڻ توهان جو ڪم آهي، توهان تي دٻا به آهي پر مون کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جا جج پاڪستان جي آئين جي حفاظت ڪندا، ملڪ جا شهري سپريم ڪورٽ جي ججن جي پٺيان بيٺل آهن، اسان اليڪشن تي ڳالهائڻ لا هر وقت تيار آهيون پر حڪومت چونڊون ڪرائڻ ئي نٿي چاهي، پنجاب ۾ چونڊون 30 اپريل تي ئي ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button