پاڪستانپنجاب

چونڊون ملتوي ڪرڻ آئين تي سنگين حملو، خاموش نه ويهنداسين:عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊيول ملتوي ٿيڻ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ چونڊون آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري آئين جي کليل نموني ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته اسان ان اميد سان ٻه صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرايون وينديون، جنهن جو اسان جي ملڪ جو دستور واضح حڪم ڏئي ٿو، اسان اهو قدم ان ڪري نه کنيو هو ته فاشسٽ گروهه آئين ۽ قانون سان کيڏي ۽ خوف جو راڄ قائم ڪري. هن چيو ته اڄ هر ڪنهن کي ان اميد سان ته هي دستور جو تحفظ ڪندا، عدليا ۽ قانون سان لاڳاپيل برادري سان گڏ بيهڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اڄ آئين تي سنگين حملو قبول ڪيو ويو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جو خون ٿي ويندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته خاموش رهڻ پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي کي ختم ڪرڻ برابر هوندو، هاڻي سڀني کي عدليا ۽ وڪيل برادري سان گڏ بيهڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button