پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ آدمشماري جو سفري الائونس نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ڪلوئي: ڪلوئي تعلقي جي آدمشماري عملي سفري الائونس لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي ۾ پ ٽ الف تعلقي ڪلوئي جي اڳوڻي صدر اشرف نھڙيو، گسٽا ڊويزنل جوائنٽ سيڪريٽري فضل الاھي، گسٽا تعلقي ڪلوئي جي جنرل سيڪريٽري محب الله نھڙيو، پ ٽ الف تعلقي جي صدر غلام محمد نھڙيو، پ ٽ الف تعلقي جي جنرل سيڪريٽري محمد عيسيٰ نھڙيو سان گڏ آدمشماري لاءِ مقرر سپروائيزرن پرڀو لال، چندر ولاسائي، ثناءُ الله نھڙيو، مانيٽرنگ اسسٽنٽ ثناءُ الله نھڙيو، مانيٽرنگ اسسٽنٽ لياقت اوٺو، راڪيش موراڻي، اصغر علي هالو ۽ اينيومريٽرز شامل آھن. اڳواڻن چيو ته پي بي ايس طرفان جاري ٿيل وھيڪل ھائيرنگ بجيٽ مان فيلڊ اسٽاف لاءِ اڄ تائين ڪوبه معاوضو يا ٽرانسپورٽ ناهي ملي، جيڪا زيادتي آهي. استادن جي ڌرڻي کانپوءِ مختيار ڪار ڪلوئي سجاد انصاري استادن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button