اسلام آبادپاڪستان

ٻن ججن جي فيصلي بعد قانونسازي نه ڪئي ته تاريخ معاف نه ڪندي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف چيف جسٽس جا اختيار گهٽائڻ لاءِ قومي اسيمبلي کان قانون سازي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جسٽس جمال ۽ جسٽس منصور جي گذريل ڏينهن جي فيصلي کانپوءِ عدليا اندران آواز اُميد جو نئون ڪرڻُو آهي. جيڪڏهن اسان قانون سازي نه ڪئي ته مورخ معاف نه ڪندو. پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي فيصلي کي ڏسي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پرڏيهي فنڊنگ جا ثبوت اسٽيٽ بينڪ ڏنا، پرڏيهي فنڊنگ جو ڪيس پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ميمبر آندو، اسان جي طرفان نه هو، عمران نيازي مني لانڊرنگ ڪئي، خيرات جو پئسو خيرات بدران عمران خان ۽ سندس پوئلڳن جي کيسي ۾ ويو، توشا خاني جي واچ جون رسيدون ڏنيون ويون پر ڪو به عمل نه ٿيو، سمورين حقيقتن باوجود عدالتن مان ضمانتون ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن هي انصاف آهي ته پوءِ پاڪستان جو الله ئي حافظ آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته آئين ادارن وچ ۾ پاور جي ورهاست ڪئي، لاڏلي کي پاڪستان سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، آئين ادارن ۾ طاقت جي ورڇ جي ريڊ لائن لڳائي پر اڄ آئين جو مذاق اڏئي عدليا جي اختيارن جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته گذريل سال اسان مخالف ڌر ۾ هئاسين، مختلف سوچ رکندڙ پارٽين فيصلو ڪيو ته اسان رياست کي بچايون، اتحادي جماعتن رياست کي بچائڻ لاءِ سياست کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. شهبازشريف چيو ته آئين کي 50 سال گذري ويا، جنهن تي هو قوم کي واڌايون ڏي ٿو، آئين تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سياسي اڳواڻن جون ڪوششون آهن، ذاتي پسند ۽ ناپسند هڪ پاسي رکي آئين ٺاهيون ويو. هن چيو ته هڪ لاڏلو ڄنگهه تي ڄنگهه رکي تڪبر سان ڳالهائي ٿو، هن قانون توڙي آئين کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هي اهو ئي لاڏلو آهي، جنهن پارليامينٽ تي ڪاهه ڪئي.وزيراعظم چيو ته هڪ لاڏلو ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي، رات جي اوندهه ۾ مختلف عدالت مان کيس رليف ملي ٿو، هڪ عورت جج بابت هن ڇا چيو، پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو.شهبازشريف چيو ته گهڻو ٿيو، لاڏلي کي پاڪستان سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، آئين ادارن ۾ طاقت جي ورڇ جي ريڊ لائن لڳائي پر اڄ آئين جو مذاق اڏئي عدليا جي اختيارن جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن.وزيراعظم چيو ته لاڏلي جي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ٽوڙيو، جنهن ڪري پاڪستان ڊفالٽ ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويو، آءِ ايم ايف وک وک تي گارنٽي گهري رهي آهي، اتحادي حڪومت ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪئي.
هن چيو ته هڪ سٽنگ عورت جج بابت هن ڇا چيو، اهڙا لفظ زبان تي نٿا اچي سگهن، ڪنهن ان جو نوٽيس نه ورتو، حقيقتن تي ٻڌل ڪيس ٺهيا آهن، جڏهن سان مخالف ڌر ۾ هئاسين ته ڪهڙي طريقي تحت مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ سندن خاندان جي ماڻهن سان ورتاءُ ڪيو ويو، ڪهڙي بدنيتي تحت سندن خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي کين جيل موڪليو ويو، ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، قوم جي نياڻي کي پيءُ جي سامهون گرفتار ڪيو ويو ڪنهن نوٽيس نه ورتو.شهبازشريف چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي چئن ورهين جي دور ۾ پاڪستاني قرض 70 سيڪڙو ڌي ويا، پر هڪ سر به نه لڳائي وئي، پر لاڏلي کان ڪو به پڇڻ وارو ناهي، لاڏلي کي پاڪستان سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو.شهبازشريف چيو ته عمران نيازي دهشتگردن کي پنهنجي ڍال بڻائي رهيو آهي، هو اها ڳالهه هوا ۾ نه پيو ڪري، وڊيوز، ۽ تصويرون ڏٺيون آهن، دهشتگردن عمران جي گهر ۾ گهمي رهيا آهن پر ڪو به ڏسڻ وارو ناهي، ضمانتن مٿان ضمانتون ڏنيون پيون وڃن، اهڙو منظر ڪڏهن ناهي ڏٺو، ايوان کان گذراش آهي ته ان معاملن جو تُرت نوٽيس وٺڻو پوندو.شهباز شريف چيو ته 29 هين نومبر تي پاڪستان جي نئين سپهه سالار جي چونڊ ٿي، بنا ڪنهن ڊپ جي ان ڳالهه جي ترديد ڪرڻ چاهيان ٿوته مون پنهنجن ساٿين سان پوري صلاح مشوري، ڪابينا ۽ ان کان هٽي ڪري مڪمل صلاح مشوري سان ميرٽ تي اِهو فيصلو ڪيو، مون کي جيڪو فيصلو ڪرڻو هوندو آهي ته ڪابينا سان صلاح مشورو ڪندو آهيان، ٻين ادارن کي به ڪابينا ۾ وڃي فيصلا ڪرڻ گهرجن، اِهو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون ته پوءِ ٻيا ڇو نٿا ڪري سهگن.هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو ته جنرل عاصم منير کي آرمي چيف ۽ جنرل ساحر کي چيئرمين جوائنٽ چيفس بڻاي وڃي، ٻئي فيصلا سئو سيڪرو ميرٽ تي ٿيا، سڀ کان سينيئر موسٽ عاسم منير ۽ پوءِ جنرل ساحر آهن، هو پروفيشنل آهن.وزيراعظم چيو ته في الحال هڪ آڊيو آهي جنهن ۾ سُپريم ڪورٽ جي جج بابت شيون منظرعام تي آيون آهن، آڊيو جي فارنزڪ ڪرائي وڃي، سموري قوم کي خبر پوڻ گهرجي ته آڊيو ڪوڙي يا وري سچي آهي، جيڪڏهن ججن بابت آڊيو سچي آهي ته سچ سامهون اچڻ گهرجي. ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي ايوان کي ان تي پختي حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. شهبازشريف چيو ته واٽس ايپ ذريعي ججن کي تبديل ڪيو ويندو آهي، ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته اعليٰ عدالتن جي ڪيترن ججن کي ڪرپشن تي نيڪالي ڏني وئي، اسان جا هٿ ٻڌي عدالتن بيهاريو ويندو آهي، جيڪڏهن انصاف جو نظار اهڙو آهي ته پوءِ مُلڪ جو خدا ئي حافظ آهي. سندس چوڻ هو ته تارازي هڪ پاسي جهڪي وئي آهي، رات يارنهين وڳي عدالتون کلنديون آهن ۽ ضمانتون ٿي وينديون آهن. هن چيو ته اڄ ڀارت کان وڌيڪ خوش ڪير هوندو، اسان جي دشمنن کي ٻيو ڇا کپي، ڪهڙي نموني لسٻيلي جي شهيدن بابت ڪهاڻيون گهڙيون ويون، جنهن پاڪستان ٺاهيو اڄ دشمن کان وڌيڪ ان تي وار ڪيا پيو وڃي، اسان ان جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button