پاڪستانسنڌ

“لائن مين فوت ٿيڻ جي جاچ ڪرايو” ڊي سي ٿر جو حيسڪو چيف کي خط

مٺي: مٺي ۾ حيسڪو لائن مين سنجي مهراج جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ واري معاملي جو ڊي سي ٿرپارڪر نوٽيس ورتو ۽ حيسڪو اختيارين کي پيش آيل واقعي جي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪاروائي لا خط لکي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حيسڪو حيدرآباد کي واقعي بابت انڪوائري لا لکيل خط ۾ چيو آھي ته گذريل ڏينهن حيسڪو ملازم سنجي مهراج بجلي جو ڪم ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو هو، واقعو حيسڪو انتظاميا ۽ ملازمن جي لاپرواهي لڳي ٿو ۽ نوجوان جي وارثن جي به اهڙي شڪايت آھي، ان ڪري واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪري پيش آيل واقعي جي ذميوار عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ملازمن جي لاپرواهي سبب هڪ نوجوان لائن مين فوت ٿيو آهي. واضع رهي ته نوجوان سنجي مهراج ٽرانسفارمر جو ڪم ڪرڻ کان اڳ گرڊ مان بجلي بند ڪرائي هئي، جيڪا اوچتو چالو ٿيڻ سبب ڪرنٽ ۾ سنجي مهراج فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button