پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ بي آئي ايس پي سينٽرن تي ڇاپا، ڪٽوتي ڪيل رقم واپس

مقصودو رند: سانگهڙ ضلعي ۾ بي آئي ايس پي جي سينٽرن تي ڊائريڪٽر ڇاپا هڻي ايجنٽن کان ڪٽوتي ڪيل رقم عورتن کي واپس ڪرائي، ڊوائيس مالڪن ۽ ايجنٽن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. حقدارن عورتن ايجنٽن خلاف دانهون ڪندي ڪاروائي جي گهر ڪئي. خبر موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ضلعي سانگهڙ جي ڊائريڪٽر حبيب الرحمان رند مقصودو رند ۾ زوار حسين ڪميونيڪيشن، رند ڪميونيڪيشن، سرھاڙي ۾ فھد ڪميونيڪيشن، سومرا ڪميونيڪيشن ۽ فيصل موبائل شاپ، دلور موري ۾ شعيب ڪميونيڪيشن، رڪن ٻرڙا ۾ راڻا ڪميونيڪيشن، سنجهورو ۾ خان ڪميونيڪيشن، شھدادپور، شاھپور چاڪر ۽ کڏڙو ۾ قائم بي آئي ايس پي سينٽرن تي اوچتا ڇاپا هنيا، جنهن دوران ڊائريڪٽر اڳيان مستحق عورتن پئسا ڏيندڙ ايجنٽن خلاف ڪٽوتي جون شڪايتون ڪيون، جنھن تي ڊائريڪٽر بي آئي ايس پي ڊائريڪٽر حبيب الرحمان رند ايجنٽن کي ڇنڊ پٽيندي ڪٽوتي ڪيل رقم فوري طور واپس ڪرائي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر حبيب الرحمان رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن کي ملندڙ رقم مان ڪٽوتي برادشت نه ڪئي ويندي، مون کي مختلف سينٽرن تان ڪٽوتي جون شڪايتون مليون، جنھن جو نوٽيس وٺندي مختلف سينٽرن تي ڇاپا هنيا آھن ۽ ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن خلاف نوٽيس جاري ڪيا آھن، هاڻ سندن ڊوائيسون بند ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button