اسلام آبادپاڪستان

ايمرجنسي هڻي ئي پنجاب ۽ پختونخوا چونڊون ملتوي ڪري سگهجن ٿيون:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي شنوائي ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته چونڊون ڪرائڻ لاءِ مون سميت ٻين ماڻهن جي پگهارن تي ڪٽ لڳايو وڃي ته چونڊن جهڙو اهم ٽاسڪ پورو ڪري سگهجي ٿو. ايمرجنسي هڻي ئي پنجاب ۽ پختونخوا چونڊون ملتوي ڪري سگهجن ٿيون. ڪارروائي کي ڊگهو نٿا ڪرڻ چاهيون، سادو سوال آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخ وڌائي سگهي ٿو يا نه. جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو اختيار هجي ته ڳالهه ختم ٿي ويندي، جمهوريت لاءِ قانون جي حڪمران لازمي آهي. قانون جي حڪمراني کانسواءِ جمهوريت نٿي هلي سگهجي. سياسي پارو ايترو وڌي ويندو ته مسئلا وڌندا، اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 58 چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. 2008 ۾چونڊون دير جو شڪار ٿيون هيون، ايمرجنسي لڳائي ۽ اليڪشن ملتوي ڪري سگهجي ٿي. ڇا اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ايمرجنسي نافذ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. دهشتگردي جو مسئلو 90 جي ڏهاڪي کان آهي، ڇا تڏهن اليڪشن نه ٿي؟ اڱاري تي پي ٽي آئي جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو 5 رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. بئنچ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل تي ٻڌل آهي. شروعات تي چيف جسٽس نئين اٽارني جنرل منصور عثمان جي آجيان ڪندي چيو ته اميد آهي ته اوهان کان بهترين مدد ملندي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪارروائي ڊگهي نٿا ڪرڻ چاهيون، ساڌو سوال آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخ وڌائي سگهي ٿو يا نه. جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو اختيار هوندو ته ڳالهه ختم ٿي ويندي. هن چيو ته سياسي پارٽين کي ڌر بنائڻ لاءِ ايڊيشنل اٽارني جنرل نقطو اٿاريو هو، جمهوريت لاءِ قانون جي حڪمراني لازمي آهي، قانون جي حڪمراني کان سواءِ جمهوريت نٿي هلي سگهي. ان دوران پي پي پاران وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڏڦيڙ ۽ فاشزم آهي. خانگي ٽي وي مطابق اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن پهريان فيصلو ڏنو. ان تي چيف جسٽس چيو ته هن وقت سوال فيصلي جو نه اليڪشن ڪميشن جي اختيار جو آهي. اٽارني جنرل چيو ته عدالتي فيصلو 3-4 جو ٿيو ته ڪنهن حڪم جو وجود نه آهي جنهن جي ڀڃڪڙي ٿي عدالتي حڪم نه هو ته صدر تاريخ به نه پئي ڏئي سگهيو. پهرين مارچ جي عدالتي حڪم کي پهريان طئي ڪيو وڃي، موجوده ڪيس ۾ اپيل ئي فيصلي تي عملدرآمد جي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بئنچ جا ميمبر درخوست ۾ اٿاريل سوال جو جائزو وٺڻ ويٺا آهن، اوهان جو دارومدار ٽيڪنيڪي نقطي تي آهي. سپريم ڪورٽ جو دائرو درخواست تائين محدود ناهي هوندو، هن وقت ڪيس تاريخ ڏيڻ جو نه پر منسوخ ڪرڻ جو آهي. جمهوريت لاءِ چونڊون ضروري آهن. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته ٽيڪنيڪي بنيادن تي معاملو خراب نه ڪريو، سپريم ڪورٽ جي پهرين مارچ جي فيصلي تي عمل ٿي چڪو آهي. هن معاملي کي ٻيهر اٿاري عدالت ۾ پيش نه ڪيو وڃي، پي ٽي آئي پاران وڪيل علي ظفر چيو ته هر اداري کي پنهنجي آئيني حد ۾ ڪم ڪرڻو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان جي اعليٰ قيادت مان به اهڙي رويي جي اميد آهي، پي ٽي آئي کي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي ڇو ته عدالت سان رابطو هن ڪيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ هن وقت تشدد ۽ اڻ سهپ آهي، معاشي حالتون ڏسي اٽي لاءِقطارون لڳل آهن. ان تي علي ظفر چيو ته چونڊن کي دير ٿي ته بحران وڌيڪ وڌندو. جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن شيڊول 90 ڏينهن کان گهٽ ڪري سگهجي ٿو. جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن وٽ 90 ڏينهن اندر شيڊول ايڊجسٽ ڪرڻ جو اختيار آهي. اليڪشن ڪميشن ظاهر ۾ 90 ڏينهن کان دير نٿو ڪري سگهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هاڻي 90 ڏينهن به گذري ويا آهن، آئين جي اسان جي ملڪ ۾ ڪوئي پرواهه نٿو ڪري، اليڪشن ته هر صورت ٿيڻي آهي. جڏهن ته سوال اهو آهي ته هاڻي 90 ڏينهن کان وڌيڪ تاريخ ڪير وڌائيندو. سوال اهو به آهي ته ڇا هڪ ماڻهو جي خواهش تي اسيمبلي ٽوڙڻ گهرجي. ان تي پي ٽي آئي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته وزيراعظم ۽ وڏو وزير چونڊيل نمائندا هوندا آهن. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم جي پنهنجي پارٽي عدم اعتماد آڻڻ چاهي ته اسيمبلي ٽٽي سگهي ٿي. ان تي علي ظفر چيو ته بي اعتمادي رٿ اچي وڃي ته اسيمبلي نٿي ٽٽي سگهي. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا پارليامينٽ ۾ان معاملي کي نه ڏسڻ گهرجي، جنهن تي علي ظفر چيو ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي اختيار تي پارليامينٽ بحث ڪري سگهي ٿي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته عدالتي فيصلي تي عمل ٿي چڪو آهي، صدر جي تاريخ تي اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري ڪيو، سوال اهو آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن جو اختيار اهي ته صدر جي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏي. ڇا اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن کان وڌيڪ دير ڪري سگهي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن ايئن ڪري سگهي ٿو، جنهن تي بئريسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن پنجاب جي حد تائين عدالتي فيصلي تي عمل ڪيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن وٽ تاريخ جي تعين جو اختيار آهي، ڇا اليڪشن ڪميشن صدر جي تاريخ کي تبديل ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 58 چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي، 2008 ۾ چونڊن کي دير ٿي هئي. بئريسٽر علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين جي ٻه آرٽيڪلز جو سهارو ورتو آهي، ان تي جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن سبب ٻڌائي چيو ته آئيني ذميواري ادا ڪرڻ کان قاصر آهيون، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن 8 آڪٽوبر جي تاريخ نٿو ڏي ته ڇا ٿيندو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اليڪشن ڪميشن تاريخ مٽائڻ لاءِ صدر سان رابطو ڪري پئي سگهيو، سمورا انتظامي ادارا اليڪشن ڪميشن سان تعاون جا پابند آهن، سبب ٺوس هجن ته هي ڪميشن رجوع ڪري سگهي ٿو. بئريسٽر علي ظفر چيو ته آرٽيڪل 220 سمورين حڪومتن ۽ ادارن کي ڪميشن سان تعاون جو پابند ڪري ٿو. اليڪشن ڪميشن صرف ادارن کان موقف وٺي فيصلو لکي ڇڏيو. عدالت ڪميشن کان پڇا ڪري ته آئيني اختيار استعمال ڇو نه ڪيو، انتظامي ادارا تعاون نه ڪن ته آرٽيڪل 5 لاڳو ٿيندو. هر ادارو آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي. اليڪشن ڪميشن مطابق آرٽيڪل 254 اليڪشن منسوخ ڪرڻ جو اختيار ڏي ٿو. اٽارني جنرل چيو ته آدمشماري جو اثر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ قومي اسيمبلي جي اليڪشن تي پوندو. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته صوبن ۾ قومي اسيمبلي جي اليڪشن جو نئين تڪ بندين تي ڪهڙو اثر پوندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 2017 کان هڪ سياسي پارٽي آدمشماري تي اعتراض ڪري رهي آهي، عوام جي نمائندگي ئي شفافيت هئڻ گهرجي. پهريون ڀيرو عدالت اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي سببن جو جائزو وٺي رهي آهي. هن چيو ته اصل صورتحال اها آهي ته ايڏي ڊگهي عرصي لاءِ اليڪشن ملتوي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي. بينظير ڀٽو جي شهادت تي اليڪشن رڳو 40 ڏينهن اڳتي وڌائي وئي هئي، احتجاج سبب اليڪشن ڪميشن جون آفيسون باهه ڏيئي ساڙيون ويون هيون. ملڪ ۾ احتجاج ٿي رهيا هئا، اليڪشن ۾ سياسي پختگي جي ضرورت آهي. سياسي ميچوئرٽي تي به هدايتون وٺي اچو. هن پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ ۾ ٽرين جو سفر ڪيو، هر هنڌ پاڻي هو، بلوچستان ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرين پيادل هلندڙن جي رفتار سان هلي ٿي. ڪوئيٽا اڃا تائين ريلوي لائن سان ڳنڍجي ناهي سگهيو، جتي چرچر مشڪل ٿي پوي اتي اليڪشن ملتوي ٿي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو تڪڙ ۾لکيو ويو. اليڪشن ڪميشن وٽ ڪائي اٿارٽي يا قانون نه هيو ته اليڪشن تاريخ جي واڌ ڪري، جنهن کان پو عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي اڄ اربع جي صبح ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button