پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا سبب لاڳو ڪيل پابندين ۾ وڌيڪ نرمي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪرونا سبب لاڳو ڪيل پابندين ۾ وڌيڪ نرمي ڪري ڇڏي آهي. صوبائي گهرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو 30 نومبر تائين لاڳو رهندو، نوٽيفڪيشن موجب سڄي سنڌ ۾ انڊور ايونٽس ۾ 500 ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور ايونٽس ۾ 1000 ماڻهو حصو وٺي سگهندا.

جڏهن ته انڊور ۽ آئوٽ ڊور ايونٽس ۾ صرف ويڪسينيشن وارا ئي حصو وٺي سگهندا. نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هفتي ۾ 7 ڏينهن ڪاروبار کليل رهندو پر مارڪيٽون ۽ بازارون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button