اسلام آبادپاڪستان

عمران کي آڻيندڙ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري رهيا آهن:آصف زرداري

اسلام آباد:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان کي آڻيندڙ پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري رهيا آهن ۽ ان جي حڪومت 5 سال پورا نه ڪري سگهندي. ڪالهه احتساب عدالت اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آصف زرداري راڻا شميم بابت سوال تي چيو ته اسان اڳ ئي اهو رستو ڏسي چڪا آهيون، جسٽس قيوم سان گڏ سيف الرحمان ۽ ڪجهه دوستن جي ٽيپ هئي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت مدو پورو نه ڪندي، ان کي آڻيندڙ اعتراف ڪري رهيا آهن ته اسان کان غلطي ٿي وئي. هاڻ اهي غلطي جو ڪيئن ازالو ڪندو الله بهتر ڄاڻي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مريم نواز منهنجي ڌيئرن جيان آهي، ان جي درخواست بابت نه ڳالهائيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button