اسلام آبادپاڪستان

فواد چوڌري الزام هڻڻ تي اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي

اسلام آباد:سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي. اليڪشن ڪميشن ۾ اداري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف گٿن لفظن ۽ الزامن جي ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن سلسلي ۾ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته آئون پاڻ وڪيل آهيان، شوڪاز نوٽيس جي چڪر ۾ نٿو پوڻ چاهيان. ان تي اليڪشن ڪميشن ميمبرن چيو ته وڪيل ته عدالت سان ويڙهه ناهي ڪندو، عدالت جي اندر ويڙهه ٿيندي آهي، عدالت ٻاهر ته ويڙهه ناهي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو ذاتي احترام آهي، مان ڪابينا جو مائوٿ پيس آهيان، اڪثر ڳالهيون اهي ڪندو آهيان، جيڪي منهنجا لفظ ناهن هوندا. هن چيو ته مان ڪنهن کي گار نه ڏني، معذرت ڪيان ٿو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ميمبرن چيو ته توهان جيڪو چئي رهيا آهيو اهو لکت ۾ جمع ڪرايو. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيس، ادارن جو احترام ڪيان ٿو، انهن خلاف ڪا ڳالهه نٿو ڪيان. سندس چوڻ هو ته مان اطلاعات واري وزير طور جيڪا ڳالهه ڪندو آهيان، اها ڪابينا جي پاليسي هوندي آهي. اسان ججن ۽ ادارن جي احترام تي يقين رکون ٿا، اميد ته اليڪشن ڪميشن هاڪاري نظريو اختيار ڪندي، جنهن سان اڳتي وڌي سگهون. واضح رهي ته گٿن لفظن جي استعمال ۽ الزامن تي اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button