پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

مختلف شهرن ۾ مارڪيٽون ۽ بازارون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون

ڪراچي:سنڌ حڪومت ڪرونا سبب لاڳو پابندين ۾ وڌيڪ نرمي ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ صوبائي گهرو کاتي طرفان ڪرونا پابندين ۾ نرمين بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي 30 نومبر تائين عمل ٿيندو. نوٽيفڪيشن موجب سڄي سنڌ ۾ انڊور تقريبن ۾ 500 ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور تقريبن ۾ هڪ هزار ماڻهو شرڪت ڪري سگهندا. جڏهن ته انڊور ۽ آئوٽ ڊور تقريبن ۾ ويڪسينيٽيڊ ماڻهو ئي شرڪت ڪندا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ هفتي جا 7 ئي ڏينهن ڪاروبار کليل رکي سگهبو پر مارڪيٽون ۽ بازارون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button