اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

تيل وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو آهي:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ تيل وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته مهانگائيءَ جي ٻوڏ ٻاهران اچي رهي آهي، اسان جي دور ۾ غربت گهٽ ٿي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڏو پئڪيج آڻي رهيا آهيون. ڪالهه اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي 5 سالن جي ڪارڪردگي سان اپوزيشن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا، اهو ئي سبب آهي جو گهڙي گهڙي حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته ن ليگ کان 50 سيڪڙو سستا روڊ ٺاهي رهيا آهيون، ماضي ۾ روڊن جي اڏاوت تي هڪ هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿي، اهو پئسو ڪنهن ڪنهن جي کيسن ۾ ويو؟ پاور پراجيڪٽ ۾ ڪيترو پئسو لڳڻو هو، ڪيترو پئسو ٺهيو؟ هن چيو ته موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ قرض واپس ڪيا، مهانگائيءَ جي ٻوڏ ٻاهران اچي رهي آهي. تيل اگهه اڃا وڌڻ جو خدشو آهي، عوام کي اعتماد هجڻ گهرجي ته هن ڏکئي وقت مان به نڪرنداسين. سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون لڳو، جنهن سان سپلاءِ متاثر ٿي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن ووٽنگ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڇو نٿي چاهي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته اپوزيشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان ڇو ٿي ڊڄي. ٽيڪنالاجي اهڙي ٿي وئي آهي جو ڪو به ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهي، ڪو به ڪوڙ ڳالهائي ته گوگل تي چيڪ ڪري سگهو ٿا. وزيراعظم موجب لنڊن ۾ ويٺل شخص ڏک جو اظهار ڪري ٿو ته پاڪستان جون حالتون خراب آهن، هو لنڊن جي محلن ۾ پيو رهي، وڏيون گاڏيون هلائي رهيو آهي، اهو پئسو هتان ويو، 5 سالن کانپوءِ حڪومت جي ڪارڪردگي ڏٺي ويندي، انهن کي خطرو آهي ته سندن دڪان نه بند ٿي وڃن. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ اليڪشن نه پر ايندڙ نسلن لا سوچيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button