پاڪستانسنڌ

ٽنڊي آدم ويجهو همراهه ڪارنهن تهمت هڻي جوان ڌي کي قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ همراهه ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي جوان ڌي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪئي. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حامد ڏچر ۾ حاجي خان ڏچر گھر ۾ پنھنجي جوان ڌي گل بانو ڏچر کي ڪارنهن الزام مڙهي رائيفل سان فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي تعلقي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڇوڪري جو لاش کڻايو، جيڪو تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته عورت کي 3 گوليون لڳل آھن، جنهن ۾ 2 ٻانهن ۽ هڪ سيني ۾ لڳل آھن، جوابدار ٿاڻي تي قتل ۾ استعمال ڪيل رائيفل سميت پيش ٿيو آھي ۽ ڏوھه جو اعتراف به ڪيو آهي، وارثن پاران ڪيس داخل نه ڪرائڻ سبب سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button