پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس جي سرڪاري لوهه سان ڀريل مزدا هٿ، 2 ڄڻا گرفتار

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ وهرو بائي ڀرسان سٽي ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ جي پراڻين درين ۽ دروازن سميت قيمتي سرڪاري لوهه سان ڀريل مزدا هٿ ڪري ٻن ڄڻن محمد امين بجير ۽ عامر حسين گدي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، واقعي کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس سياسي دٻا تي ڪيس داخل نه ڪيو. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب يونيورسٽي ڪئمپس ۾ مقرر پي وي سي جان محمد مري جي مبينا ملي ڀڳت سان غيرقانوني طريقي سان يونيورسٽي جو سرڪاري لوهه وڪرو ڪيو ويو هو، جيڪو پوليس هٿ ڪيو. پوليس جي ڪاروائي ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ کانپو انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. لوهه وٺندڙ ٺيڪيدار عامر گدي ٻڌايو ته اسان هڪ لک 10 هزار ڏئي بغير ٽينڊر جي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ مقرر شڪيل نالي شخص کان لوهه ورتو آهي، اڳ به لوهه وٺندا رهيا آهيون. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سٽي وجئه ڪمار کتري ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري سرڪاري لوهه سان ڀريل مزدا هٿ ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. لاڳاپيل اداري کي اطلاع ڪيو آهي، انهن جو ليٽر اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي او سيڪنڊري بلاول ڪنڀار چيو ته زرعي يونيورسٽي ڪئمپس کي ڏنل عمارت تعليم کاتي جي ملڪيت آهي، اسان ٻار پڙهائڻ لا يونيورسٽي ڪئمپس کي عمارت ڏني آهي، هي ته در دروازا ڪڍي وڪرو پيا ڪن. من پسند ماڻهن جي جعلي ڪميٽي ٺاهي غيرقانوني طريقي سان لوهه وڪرو ڪيو ويو آهي، جيڪو چوري جي ذمري ۾ اچي ٿو. پراڻو سرڪاري لوهه وڪرو ڪرڻ لا ڪميٽي قائم ڪري اخبار ۾ ٽينڊر ڏئي مختلف ٺيڪيدارن کان ريٽ وٺي اوپن نيلامي ڪئي ويندي آهي، معاملي بابت مٿي آگاهه ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button