پاڪستانسنڌ

پيارولنڊ جو نوجوان عورتاڻي آواز تي ڪشمور پهچڻ بعد اغوا

ٽنڊوالهيار/عثمان شاھه ھڙي: پيارولنڊ جي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل خاصخيلي واسي نوجوان بھادر خاصخيلي عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته بهادر 27 مارچ تي گهران گهمڻ لا چئي نڪتو ۽ ڪشمور پهتو، جتان هو اغوا ٿي ويو آهي، ٻڌايو ويو آھي ته بهادر خاصخيلي کي ڌاڙيلن ڪشمور جي ڪچي واري علائقي مان وارثن کي ڀنگ لا اغوا ڪري فون ڪري ڌمڪايو آھي ته 30 لک جي رقم نه ملي ته مغوي کي ماري ڇڏينداسين، جنهن ڪري بهار خاصخيلي جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. نوجوان ٻن ٻارن جو پي آهي. هوڏانهن عورتاڻي آواز تي هرکجي ويل پورهيت بهادر خاصخيلي جي وارثن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي نوجوان بهادر خاصخيلي ڌاڙيلن وٽان بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button