پاڪستانسنڌ

سنجهوري ۾ ڊاڪٽر بيربل جي قتل واقعي خلاف شٽربند هڙتال

سنجهورو: ڪراچي ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل سنجهوري واسي ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل خلاف ٽريڊ يونين ۽ ھندو پنچائت سنجهورو جي سڏ تي شھر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. شھر جي مين بازار، چاندني چوڪ، ريشم گلي بازار، سنجهورو، شھدادپور ۽ سنجهورو-سانگهڙ روڊ، بچل چوڪ، ٽئڪسي اسٽينڊ، لغاري مارڪيٽ ۽ راڻا چوڪ سميت شھر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. ڊاڪٽر بيربل جي قتل تي سڄي شهر ۾ سوڳ وارو ماحول رهيو. ٻئي طرف ميگهواڙ پاڙي ۾ مقتول ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جو تڏو وڇايو ويو آھي، جتي پ پ اڳواڻ مينارٽي ونگ سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري سندر داس کيتاڻي، پ پ سٽي سنجهورو جي صدر راڻا حاجي محمد انور راجپوت، ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي، ذوالفقار رند، ڊسٽرڪٽ بار سانگهڙ جي صدر سنيل ڪمار پهنيار ۽ ٻين ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جو وارثن سان ڏک ونڊيو، ان کان علاوه سياسي سماجي ڌرين پڻ مقتول جي گهر پهچي وارثن سان ڏک ونڊيو. ٻئي طرف پريس ڪلب سنجهورو ۾ ھنگامي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت پريس ڪلب جي صدر عمر ملڪ ڪئي، گڏجاڻي ۾ خداڏنو ڪاڇائي، غلام عباس خاصخيلي، صابر قريشي، محمد بخش خاصخيلي ۽ ٻين صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي بيرحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button