سنڌ

ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ،عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت

ڪراچي جي سائيٽ ايريا نورس چورنگي تي ڊائنگ فيڪٽري ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب فوتين ۾ 3 ٻار ۽ 8 عورتون شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته فئڪٽري ۾ ماڻهن کي زڪوات جي رقم ورهائڻ لاءِ سڏيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀاڄ دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته راشن ورهائڻ دوران ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو.رپورٽن مطابق مقامي فيڪٽري ےطرفان مستحقين ۾ راشن ورهايو پئي ويو. پوليس موجب شروعاتي اطلاعن موجب جنهن جاءِ تي راشن ورهايو پئي ويو اتي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڀاڄ پئجي وئي.پوليس موجب ڀاڄ دوران ويجھو نالي جي ڀت پڻ ڪري پئي، شروعاتي اطلاعن موجب ڀاڄ جي نتيجي ۾ 2 عورتون حياتي وڃائي ويٺيون، جڏهن ته 2 ٻارڙا نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته 15 زخمين کي سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، عباسي شهيد اسپتال ۾ 9 لاش، 2 لاش سول اسپتال پهچايا ويا. فيصل ايڌي موجب عباسي شهيد اسپتال پهچايا ويا سمورا لاش عورتن جا آهن، جن ۾ 3 ٻارڙيون به شامل آهن. ايڌي فائونڊيشن جي رضاڪار موجب راشن ورهائڻ دوران بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا. ان کان علاوه اکين ڏٺن شاهدن موجب ڀاڄ سبب ڪيترائي ماڻهو بيهوش پڻ ٿي ويا. ايس پي بلديا ٽائون موجب ڪمپني پاران راشن جي ورڇ جو اطلاع نه ڏنو ويو، ڀاڄ دوران پاڻي جي لائين ليڪ ٿي وئي، جنهن ۾ بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن سبب پڻ فوتگيون ٿيون. پوليس ڪمپني مان 7 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس فيڪٽري مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪري فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب وڌيڪ فوتگيون فيڪٽري جي ڪيميڪل مليل پاڻي ۾ ڪرڻ سبب ٿيون. ان حوالي سان ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ آهي ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي مفت راشن جي فراهمي بابت آگاهه نه ڪيو، راشن ۽ زڪوات جي ورڇ بابت ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي، فيڪٽري مينيجر سميت 7 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ آهي ته فيڪٽري انتظاميا جي ٻين ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويندو، واقعي جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button