سنڌ

فيڪٽري انتظاميا راشن ورهائڻ بابت ڪو اطلاع نه ڏنو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سائيٽ ايريا ڪراچي جي علائقي ۾ خانگي فيڪٽري جي ٻاهران راشن ورهائڻ جي دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ ٻارن ۽ عورتن جون قيمتون حياتيون ضايع ٿيون آهن، خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي راشن ورهائڻ بابت ڪوبه اطلاع نه ڏنو هو ۽ نه ئي اجازت ورتي هئي. هن چيو ته فيڪٽري مالڪن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ ست ماڻهون گرفتار ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ هر ڪو نيڪي جو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن سرندي وارن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته نيڪي جي اهڙين سرگرمين بابت ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي اطلاع ڏني وڃي ته جيئن مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ اٽي جي ورڇ دوران پنجاب ۾ افسوسناڪ واقعا پيش آيا، ان کي مدنظر رکندي، سنڌ حڪومت حقدار خاندانن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي اٽي جي خريداري جي رقم منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ان قسم جا واقعا پيش نه اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button