سنڌ

بلاول ڀٽو جو وڏي وزير سان رابطو:واقعي جي تڪڙي جاچ جي هدايت

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ڀاڄ حادثي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو ڪيو ۽ معاملي جي فوري جاچ جي هدايت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته فيڪٽري ۾ پيش آيل حادثي ۾ جاني نقصان سبب صدمو پهتو آهي. هن سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪيو وڃي. هن چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيلن جو بهتر علاج ڪيو وڃي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button