اسلام آبادپاڪستان

پهرين استيعفا پوءِ ڦري وڃڻ،عوام سان مذاق ٿي رهيو آهي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شڪور شاد جي استعيفا منظوري خلاف درخوست جي شنوائي دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته پهريان استيعفا پوءِ ڦري وڃڻ پاڪستان جي عوام سان مذاق ٿي رهيو آهي. جمعي تي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آئي جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شڪور شاد جي استعيفا منظوري خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي. چيف جسٽس درخواست گذار جي وڪيل تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته توهان استيعفا ڏني ان تي صحيحون ڪيون هيون؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته اسان جون صحيحون هيون پر اها استعيفا پارٽي دٻاءُ ۾ ڏني وئي هئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا صحيحون بس ايئن ئي ڪيون ويون؟ ڇا ڪو مزاق آهي هي؟ ڇا ٿي رهيو آهي اڄ اوهان هي ڪري رهيا آهيو سڀاڻي اوهان ملڪ لاءِ ڇا ڪندا. اوهان آرٽيڪل 62 تي ڪيئن پورو لهندا، اوهان پنهنجن ماڻهن ۽ ووٽرز جا امانتدار آهيو. اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو، 9 مارچ جو آرڊر هو ته اوهان پنهنجي استيعفا کان انڪار ڪيو اهو ليٽر آهي اوهان وٽ؟ وڪيل جواب ڏنو ته 29 جولاءِ تي استعيفا منظور ٿي هن عدالت سيپٽمبر ۾ فيصلو معطل ڪيو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا اوهان جي صحيح اصلي نه هئي. جنهن تي وڪيل چيو ته صحيح ته اصلي هئي پر پارٽي پاليسي تي استيعفا ڏني هئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته استيعفا تي پارٽي پاليسي خلاف وڃڻ سان ڪو فرق نٿو پوي اهو ته مني بجيٽ بل ۽ عدم اعتماد تي فرق پوي ٿو. چيف جسٽس چيو ته اوهان پارٽي پريشر تي استيعفا ڏئي ڇڏي اوهان ملڪ لاءِ ڪيئن اسٽينڊ وٺي سگهو ٿا. اڄ اوهان سسٽم سان مذاق ڪري رهيا آهيو، اوهان سسٽم کي فن سمجهي رهيا آهيون. وڪيل جواب ۾ چيو ته اسان مڃون ٿا ته اصل اسٽيڪ هولڊر عوام آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پوءِ مذاق به ته عوام سان ئِي ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته 3 مارچ 2023 جي ليٽر کي رڪارڊ تي آڻيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پارٽي ليڊر شپ اوهان کي پريشرائز ڪيو ان جي خلاف دعويٰ داخل ڪيو. رٽ ۾ شاهديون نٿيون وٺي سگهجن هر شئي کي اسان مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. اوهان کي پوري ملڪ لاءِ قانونسازي ڪرڻي هوندي آهي، ان تي ڇا سڀني کي شاباش ملڻ گهرجي. اوهان قبول ڪريو ته اوهان غلط ڪيو آهي. ان دوران درخواست گذار جي وڪيل اختر ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگر به عدالت ۾ پيش پيا. عدالت شڪور شاد جي استيعفا منظوري جو اسپيڪر جو آرڊر طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 28 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button