پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ گهر گهر ووٽن جي ويريفڪيشن ٿئي پئي:ڊي ايل او نعيم الرحمان جلباڻي

شاهپور چاڪر: شاهپور چاڪر ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيسر نعيم الرحمان جلباڻي ۽ اي آر او تعلقي شهدادپور منظور حسين رند ووٽر ويريفڪيشن ڪم جو جائزو وٺڻ لا اوچتو دورو ڪيو. ان دوران پريس ڪلب شاهپور چاڪر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي هنن چيو ته سڄي ضلعي ۾ 7 اي آر اوز، 143 سپروائيز ۽ 676 وي اوز (تصديق ڪندڙ) ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن کي اسان ووٽر لسٽن ۽ نقشن سان فيلڊ ۾ موڪلي چڪا آهيون، هو گهر گهر وڃي ووٽن جي ويريفڪيشن ڪري رهيا آهن، جيڪي ووٽر ان علائقي ۾ رهن ٿا ۽ انهن جا نالا ووٽر لسٽ ۾ آهن، انهن جي تصديق ڪري رهيا آهن، جيڪي رهجي ويا آهن يا وري ڪنهن ٻئي علائقي ۾ درج ٿي ويا آهن، انهن لاءِ اسان 13 نمبر فارم ڀري ڏيڻ لا چئون پيا. 2018ع ۾ سانگهڙ ۾ ووٽن جو تعداد 8 لک کان ڪجهه مٿي هو، پر اسان جي لسٽ مطابق 2021ع ۾ 11 لک 29 هزار 8 سئو 33 آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button