پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ چوڪيدار وحشياڻو تشدد ڪري قتل، لاش رکي ڌرڻو

ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد ناصر موڙ ڀرسان ستار هوٽل بس اسٽاپ تي اشوڪ ڪمار جي پرچون دڪان اڳيان کٽ تي ستل ڳوٺ خيرالدين رند جي رهواسي چوڪيدار چئن ٻارڙن جي پيءَ 40 سالن جي مرسلين رند ولد حسين بخش رند کي ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار نامعلوم چورن سخت تشدد جو نشانو بنائڻ بعد ڪهاڙي جا ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار دڪان جا تالا ٽوڙي کنڊ جو ڪٽو، گيھه جا ڌٻا ۽ روڪ رقم کڻڻ سميت ڀر ۾ قائم مسجد مان بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي چوڪيدار مرسلين رند زخمي حالت ۾ پنهنجي گهرن ويجهو رڙيون ڪندي بيهوش ٿي ويو، سندس رڙين تي وارثن پهچي کيس بيهوش حالت ۾ کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي زخمي چوڪيدار فوت ٿي ويو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، چوڪيدار مرسلين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ رند برادري جي سوين ماڻهن ڪوٽ ميرس شهر ڀرسان ڪاڇيلو موڙ وٽ ميرپورخاص_ڪوٽ غلام محمد مين روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي 2 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي فيصل ميئو، ميوو رند، شفيع رند، ڪامريڊ عابد رند ۽ ٻين چيو ته 4 هزار رپيا مهيني تي ٻارن جي روزي ڪمائيندڙ چوڪيدار مرسلين رند کي نامعلوم چورن بيگناهھ قتل ڪيو آهي، امن امان واري علائقي ۾ هي انتهائي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو آهي، ظالم چورن دڪان اڳيان ستل چوڪيدار مرسلين رند جا هٿ پير ٻڌي سخت تشدد ڪرڻ بعد دڪان جا تالا ٽوڙي سامان چوري ڪيو، زخمي چوڪيدار مرسلين رند زخمي حالت ۾ پنهنجا پير هٿ کولي گهرن ڀرسان پهتو ۽ بيهوش ٿي ويو. هنن چتاءُ ڏنو ته جسيتائين چوڪيدار مرسلين رند جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويندا، تيستائين احتجاج جاري رهندو. ٻئي پاسي ڊي ايس پي ڊگهڙي مير آفتاب ٽالپر ۽ ايس ايس ايڇ و فرمان اگهيم پهچي قاتل گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن چوڪيدار جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول جي جنازي نماز ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او فرمان اگهيم پوليس اٽالن سان ڳوٺ راوت بنگلاڻي ۾ چڙهائي چوڪيدار مرسلين کي بيدردي سان قتل ڪرڻ ۾ ملوث هڪ جوابدار سميت 3 ماڻهن کي گرفتار ڪيو. ايس ايڇ او فرمان اگهيم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ستار هوٽل تي چورن پاران مرسلين رند کي قتل ڪرڻ وارو واقعو افسوسناڪ آهي، قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار سميت 2 ڄڻن کي شڪي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button