اسلام آبادپاڪستان

آصف زرداري احتساب عدالت ۾ پيش،ضمانت منظور،نيب کي نوٽيس

اسلام آباد :احتساب عدالت آمريڪي پراپرٽي بابت ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪچي ضمانت 23 نومبر تائين منظور ڪري ورتي. احتساب عدالت ۾ آمريڪي پراپرٽي بابت ڪيس جي شنوائي جج اعظم خان ڪئي، آصف علي زرداري عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته سندس وڪيل فاروق ايڇ نائڪ، ارشد تبريز، بئريسٽر شيراز عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت آصف علي زرداري جي ضمانت 5 لک رپين جي مچلڪن تي 23 نومبر تائين منظور ڪري ورتي ،عدالت درخواست تي نيب کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button